دلبر پٽ مُنهنجو

دلبر پٽ مُنهنجو

دلبر پٽ مُنهنجو

دلبر پٽ مُنهنجو (ڪتاب): هي ڪتاب هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار، مصور ۽ شاعر چترو ناگپال جي پنهنجي پُٽ جي نوجوانيءَ ۾ دکدائڪ وڇوڙي تي لکيل طويل نظم (ڪوتا) تي مشتمل آهي. چترو ناگپال ڪتاب جي ابتدا ۾ هندي شعر جي هڪ سٽ ڏني آهي، جنهن جو مفهوم آهي ته: ”ڪنهن پياري جي وڇوڙي مان پيدا ٿيل برهه جو سوز ئي ساهت جي سڀني جذبن جي جان آهي“. ڪتاب تي هري موٽواڻيءَ کان سواءِ نند جويريءَ جو تفصيلي مهاڳ به لکيل آهي. ڊيمي سائيز جي 60 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 25 روپيا آهي. هي ڪتاب پرڪاش ايڇ. موٽواڻيءَ، ممبئيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو